ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ سوڀ ميڊيا گروپ جي سڏ تي سھپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ پهرين ڊسمبر تي قومي عيد ملهائڻ لاءِ گيتن جي گُونجار ۽ ثقافتي رنگن سان ٽمٽار تقريبن جو سلسلو جاري، ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو ۽ ڀرت ڀريل ويس ۽ وڳا پاتل ڌرتي ڌڻين طرفان سھپ ۽ رواداري واري سنڌ جو پرچار، نفرت ۽ تعصب کان پاڪ، جديد سنڌ اڏڻ جي عزم جو اظهار..