هالا (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي اڳوڻو صدر ۽ درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح جو اڳوڻي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فھيم جي نائين ورسي اڄ ملھائي پئي وڃي، سروري جماعت جي روحاني پيشوا پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان، مخدوم امين فھيم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ورسي تقريب جو افتتاح ڪيو، مخدوم امين فھيم جي ورسي جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سروري جماعت جا مريد ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ هالا پهتل.