اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندو خيل جا آڊيو ليڪس ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت جي اٿارٽي کي انڊرمائين ٿيڻ نه ڏينداسين، آڊيو ليڪس زندهه اشو آهي يا نه؟ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آڊيو ليڪس ڪميشن تي وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا آڊيو ليڪس ڪميشن لائيو اشو آهي؟ ڪميشن جو چيئرمين رٽائرڊ ٿي چڪو، هڪ ٻيو ميمبر سپريم ڪورٽ جو جج بڻجي چڪو آهي، اٽارني جنرل حڪومت کان هدايت وٺڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي.