اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ غزا جنگ بندي بابت ٺهراءَ آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته غزا ۾ فوري طور جنگ بندي ڪرائي وڃي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن تي خدشا آهن، دهشتگردن کي پاڪستان مخالف اندرين حمايت تي به خدشا آهن والاريل ڪشمير جو عوام عالمي ڌيان جو منتظر آهي، بيلاروس جو صدر 25کان 27 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو.