اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور ماڊل ۽ اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا تي بولڊ ڊانس جي وڊيو شيئر ڪرڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي، تازو ئي اداڪارا انسٽا گرام تي پنهنجي ڊانس جو مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس مخصر لباس پاتل آهي ۽ هوءَ ڊانس ڪري رهي آهي، ادارڪارا وڊيو شيئر ڪندي ميوزڪ ليبل ڪمپنيءَ کي به مينشن ڪيو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته امڪاني طور اداڪارا جي ڄاڻايل وڊيو ڪلپ ڪنهن ايندڙ گيت جو حصو هجي، پر ان بابت ڪجھه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. اداڪارا ڊانس وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ناهي لکيو جڏهن ته هن تنقيد کان بچڻ لاءِ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪمينٽس سيڪشن کي بند ڪري ڇڏيو آهي.