راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو ڳجهن اطلاعن تي ٽن ڌار ڌار آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان۾ چيو ويو آهي ته ڊيرا بگٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ڪيچ ۾آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته آواران ۾ آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز کي گهربل هئا، آواران ۾مارجي ويل دهشتگردن ۾ نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهجهان شامل، فورسز بلوچستان ۾ امن کي تار تار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻئي طرف بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن دوران 3 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 خارجي دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.