اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ٽي شعبي جي سڌارن واري حڪمت عملي تي عمل يقيني بڻائڻ، سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ مختلف ادارن سان سهڪار لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ آءِ ٽي شعبي ۾ سڌارن جي جائزي بابت اجلاس، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم شهبازز شريف چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پيش ڪيل حڪمت عملي بهتر آهي، جنهن تي عمل يقيني بڻايو وڃي.