پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پاڪ فوج جون قربانيون متاثر ڪندڙ ۽ مضبوط ارادن جو بنياد آهن، آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف آپريشنبابتبريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير سيڪيورٽي فورسز جي بلند حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي واکاڻ ڪئي.