اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا بشريٰ بي بي جا لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سندس ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا بشرا بي بيءَ جا لڳايل الزام بي بنياد قرار ڏنا آهن، کيس اهڙي قسم جو ڪو به فون نه آيو هو، هُو ڪعبي ۾ بيهي ساک ڏيڻ لاءِ تيار آهي، بشريٰ بي بيءَ جي الزامن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ٻي سطح جي قيادت به پريشان آهي، سندن چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي سڄي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. هوڏانهن خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف بشريٰ بي بي جي لڳايل الزامن کي سندس ذاتي بيان قرار ڏئي ڇڏيو آهي، بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي جو ڏنل بيان تحريڪ انصاف جي پاليسي ناهي، پارٽي جي پاليسي بابت بيان صرف پارٽي جو چيئرمين، جنرل سيڪريٽري يا ترجمان ئي ڏئي سگهي ٿو.