پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي، پارٽي چيئرمين بيريسٽر گوهر، اسد قيصر، شيخ وقاص اڪرم، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، بيريسٽر سيف ۽ ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته احتجاج جي لاءِ هر صورت ۾ اسلام آباد وينداسين، اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ڪارڪنن جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان بابت وڏي وزير ڪي پي جي ترجمان خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، هر صورت ۾ اسلام آباد احتجاج جي لاءِ وينداسين، ڪنٽينرز هٽائڻ جي لاءِ ڳري مشينري به احتجاجي ريليءَ سان گڏ هوندي. ڪي پي جي وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته ريسڪيو 1122 جون ايمبولينسون به ڪي پي جي وڏي وزير جي اسڪواڊ سان گڏ هونديون.