اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي ترديد ڪندي چيو آهي ته وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه پيون هلن، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عدالت جي حڪم تحت صرف هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ چيئرمين سان فون تي رابطو ڪيو آهي، محسن نقوي بئريسٽر گوهر کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت احتجاج غيرقانوني هوندو.