حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران سينٽرل جيل حيدرآباد جو سرپرائيز وزٽ، جيل اسٽاف ۽ پوليس اهلڪارن سان ملاقات، جيل اندر صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو، قيدين جي اسپتال جو پڻ دورو، صوبائي وزير قيدين سان ملاقات ڪري پوليس تشدد، رشوت جي گھر، کاڌي پيتي ۽ علاج بابت معلومات ورتي، علي حسن زرداري جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار سنڌ جي جيلن کي اصلاح گھر بڻائي رھي آھي، جيل ۾ قيدين سان سٺي سلوڪ، کاڌي پيتي ۽ علاج جي معاملي ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي.