راولپنڊي (ويب ڊيس) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان سان اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ هن احتجاج کي فائنل ڪال قرار ڏنو آهي. باني پي ٽي آءِ عمران خان سان پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي جيڪا لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهي. عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته منهنجي پي ٽي آءَ جي باني سان اهم ملاقات ٿي آهي، عمران خان جي احتجاج واري ڪال فائنل آهي ۽ احتجاج ”ڪال آف“ واري ڳالهه درست نه آهي. ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته اهو اسان توهان کي انشاءُ الله سڀاڻي ٻڌائينداسين، ڳالهيون هلي رهيون آهن.