اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي رينجرز ۽ پوليس تي احتجاج ڪندڙن جي حملي جي مذمت، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪري سزا ڏيارڻ جي هدايت، صدر آصف علي زرداري پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هٿ ٺوڪي احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳو عمل آهي، هي احتجاج نه پر شدت پسندي آهي، انتشاري ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، انتشاري ٽولو ملڪ ۾ انقلاب نه پر رتوڇاڻ چاهي ٿو، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ جي سٽ سهي نٿو سگهي.