اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بيلاروس ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جو صدر مختلف مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ 2025ع کان 2027 تائين جي روڊ ميپ تحت مفاهتي يادداشتن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت گهربل جوابدارن جي حوالگي جو به معاهدو ڪيوويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هو بيلاروس سان ٻه طرفي سهڪار اڳتي وڌائيندا، بيلاروس جي صدر چيو ته زراعت ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻو پوندو، پاڪستان ٽيڪنالاجي شعبي ۾ ننڍن ملڪن سان سهڪار ڪري، اثرائتي سفارتڪاري ذريعي تعميري رابطن ۽ ڏي وٺ وڌائڻي پوندي، ان کان اڳ بيلاروسي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم سندس آجيان ڪئي وئي، اليگزينڊر لوڪاشينڪو کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.