بلواوائيو (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جو ٻيون ون ڊي ميچ کيڏيو پيو وڃي. زمبابوي پاڪستاني ٽيم کي کٽڻ جي لاءِ 146 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي، ميزبان ٽيم 32.2 اوورن ۾ 145 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي طرفان ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته سلمان علي آغا ٽي ۽ صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته زمبابوي جو هڪ بيٽسمين رن آئوٽ ٿيو، زمبابوي پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. بلاوائيو ۾ کيڏجندڙ هن ميچ ۾ پاڪستان طرفان ٻه رانديگر ابرار احمد ۽ طيب طاهر پهريون ڀيرو پاڪستان جي طرفان ون ڊي انٽرنيشنل ميچ کيڏي رهيا آهن.