ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ڪارروائي ڪري ڪراچيءَ واسين کان موٽر سائيڪلون ڦر ڪندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار ۽ سندس زال ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۽ ڪياماري جي علائقن مان موٽر سائيڪلون ڦر ڪندا هئا، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي. پوليس ڦورو زال مڙس خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ هلندڙ مهيني اينٽي وهيڪل لفٽن سيل (اي وي ايل سي) ڪياماڙي ۾ ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو جيڪي پڻ موٽر سائيڪلون ڦر سميت چوري ڪري حب جي علائقي ۾ وڃي وڪرو ڪندا هئا.