ڀريا سٽي (ويب ڊيسڪ) ڀريا سٽي پوليس پاران ٻن مقابلن ۾ 3 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، 5 ڄڻا فرار ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار مختلف ٿاڻن تي ڦرن ۽ چورين سميت ٻين ڪيسن ۾ گھربل ھئا، ڪنڊيارو ڀرسان پپري لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري گرفتار، جڏهن ته 4 جوابدار فرار ٿي ويا.