اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ورڪرز جي فوت ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ خيبرپختونخوا جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي زباني اپيل رد ڪري ڇڏي، صوبائي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته گذريل ڏينهن احتجاج دوران ٻنهي پاسن کان زندگيون ضايع ٿيون، معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، جسٽس مسرت هلالي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي سياسي ڳالهيون نه ڪريو.