پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته حالتون خراب ڪندڙن خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ باهيون لڳائڻ کان بهتر هو ته ڪي پي جو وڏو وزير ڪرم ۾ وڃي ها، ڪي پي جو سڀ کان وڏو مسئلو امن امان آهي، هو علي امين گنڊاپور کي صوبي جي صورتحال جي حوالي سان دعوت ڏيندو.