ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ثقافت جو ڏهاڙو ويجهو ايندي ئي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ثقافتي رنگ نروار ٿيڻ لڳا، ڌرتي ٽي وي ۽ روزاني سوڀ جي رواداري ۽ سهپ واري سنڌ جي سري هيٺ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولز ۾ تقريبون جاري، شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا، قومي گيتن تي رقص ڪيوويو.