تلهار (ويب ڊيسڪ) تلهار ويجهو اوطاق مان 50 ورهين جي شخص جو لاش هٿ آيو، ڳوٺ زبير احمد ملاح ۾ ٽنڊو غلام علي جي رهواسي شمون سولنگي جو سندس عزيزن جي اوطاق مان لاش مليو، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻي جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.