کپرو (ويب ڊيسڪ) کپري ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، ڳوٺ انس درس وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نينگري روزينا ڌيءُ پنهل درس ٿڏي تي فوت ٿي وئي، نينگريءَ جو لاش تعلقي اسپتال کپرو منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع بعد معصوم نينگريءَ جي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.