سئي (ويب ڊيسڪ) سئي گئس ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻِن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، مھراڻ ھاءِ وي تي ڍورو وٽ ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور ۽ ٻه عورتون فوت ٿي ويون، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل ٽِن ڄڻن مان هڪ عورت جي حضوران شر نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي.