لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ بشرا بي بي ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي فرار ٿي ويا، ڀڳوڙا لاشن ۽ گوليون هلائڻ جي ڪوڙي واويلا ڪري پنهنجي بزدلي لِڪائڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ وارا پهريون ڀيرو نه ڀڳا آهن، اهي ماضي ۾ به يوٽرن وٺندا رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر طلال چوڌري جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاش رڳو رينجرز ۽ پوليس جا ڪريا آهن، پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ افغاني به شامل هئا، رياست جي عملداري کي ڪو چئلينج نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ جي فائنل ڪال مس ڪال ثابت ٿي.