ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ نئين تاريخ جوڙي آهي، معاشي بهتري جو سِهرو وزيراعظم، سندس ٽيم ۽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، معيشت جي معاملي تي سموريون پارٽيون هڪ پيج تي هجڻ گهرجن: ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته حڪومت جي ڪوششن سبب معيشت ۾ بهتري آئي آهي، هر ڪنهن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستاني سيڙپڪاري ڪندا ته ملڪ اڳتي وڌندو.