اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس صحافي مطيع الله جان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب صحافي مطيع الله جان کي گرفتار ڪري ٿاڻي مارگله ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس پاران صحافي مطيع الله جان خلاف سيڪيورٽي اهلڪارن تي گاڏي چاڙهڻ ۽ مارڻ جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي، ڪيس ۾ پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته هڪ تيز رفتار گاڏيءَ کي روڪڻ جو اشارو ڪيو پر گاڏيءَ جي ڊرائيور اهلڪارن جي مٿا گاڌي چاڙهي ڇڏي.