راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جِي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، راولپنڊي جي ٻڌڻي چوٿون ڀيرو ملتوي، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ وڌيڪ 10 جوابدارن ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بريت جي درخواست داخل ڪئي. عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو، جڏهن ته سمورن جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب جوابدارن خلاف اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. بعد ۾ راولپنڊي جي اسپيشل ڪورٽ جي جج، جِي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ چوٿين ڀيرو ملتوي ڪئي وئي. ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني سميت 143 کان وڌيڪ جوابدار نامزد آهن، جڏهن ته ذوالفقار بخاري، شهباز گل سميت 23 جوابدار اشتهاري آهن، نامزد جوابدارن جي پرڏيهه وڃڻ تي به پابندي آهي.