راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ڊويزن جي پوليس آفيسرن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران هڪ سئو 70 اهلڪار زخمي ٿيا، 64 افغان شهرين سميت 11 سئو 51 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. آر پي او راولپنڊي بابر سرفراز ۽ ٻين پوليس آفيسرن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران مظاهرين پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، اهلڪارن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا ويا، ان باوجود پوليس صبر جو مظاهرو ڪيو، وڳوڙين خلاف 32 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.