اسلام آباد (ويب ديسڪ) صدر پاران فلسطيني عوام جي آزادي واري حق جي حمايت جاري رکڻ جو عزم، آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان فلسطينين جي آزادي واري حق جي حمايت لاءِ پرعزم آهي، هو آزادي، وقار ۽ انصاف لاءِ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهن، وزيراعظم پاران فلسطين جي منصفاڻي حل ۽ آزادي لاءِ حمايت جي عزم جو ورجاءُ، غزا ۾ ترت ۽ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو، فلسطيني عوام لاءِ بنا رنڊڪ جي امداد يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور، شهباز شريف چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ٺهرائن موجب، فلسطين جو مسئلو حل ڪيو وڃي.