غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي غزه ۾ بربريت جاري آهي، تازي بمباري ۾ 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج ڏکڻ ۽ اتر غزا تي بمباري ڪئي، خان يونس ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج پاران نصيرات ڪئمپ کي به نشانو بڻايو ويو، غزگ ۾ اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين شهيد ٿيندڙن جو انگ 44 هزار 330 ٿي ويو آهي، هڪ لک 4 هزار 933 زخمي ٿي چڪا. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هو غزه ۾ جنگبندي لاءِ تيار آهيون پر حماس سان جنگ جو خاتمو نٿا ڪري سگهون.