بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيل لبنان ۾ جنگبندي معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو، تازن حملن ۾ وڌيڪ 78 لبناني شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 266 زخمي ٿي پيا، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا جاري رکيا، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، لبناني فوج پاران اسرائيلي فوج تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو آهي.