ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ملير ڪالا بورڊ ويجھو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان ڪامران فوت ٿي ويو، راڻيپور ڀرسان سوڀوديرو لنڪ روڊ تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مهراب شاهاڻي حياتي وڃائي ويٺو، پڊعيدن جي مکيه بازار ۾ نينگر معاويه شر مزدا گاڏي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.