پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ڪور ڪميٽي جي ميمبرن مرڪزي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، شوڪت يوسفزئي جي بشريٰ بي بي جي بيان جي حوالي سان ميمبرن ۾ ڏند چڪ ڏنا ويا.