اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پاران لبنان ۾ ٿيل جنگبندي واري معاهدي جي آجيان، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل کان لبنان ۽ فلسطين ۾ ظلم ۽ نسل ڪشي تي پڇاڻو ڪري، پاڪستان فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان فلسطين ۾ غير مشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو، بيلاروس جي صدر پاڪستان جو اهم دورو ڪيو، بيلاروس سان ڪيترن ئي معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن،