ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، عدالتي حڪم تي سنڌ جي گهرو کاتي 8 ميمبرن تي ٻڌل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي، جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ۾ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ، آءِ بي، رينجرز پوليس، ايف آءِ اي ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جا آفيسرشامل هوندا، جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم 15 ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي.