ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ٽِن معطل ٿيل آفيسرن خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي وئي، ٽنهي آفيسرن علي اسد خان، ذيشان ۽ خالد اقبال کي جاچ ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم جار ي، جاچ ڪميٽي آڏو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽنهي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، چارج شيٽ موجب آفيسرن کي زمينن تان قبضا روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي پر هُنن هدايتن تي عمل نه ڪيو.