اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪي پي مان آيل جٿي اسلام آباد ۾ تباهي مچائي، جٿي جي حملي ۾ سوين پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. اسلام آباد ۾ امن امان بابت اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته احتجاج جي نالي تي هي وفاق لاءِ وڏي سازش هئي، چوٿو ڀيرو وفاق تي لشڪر ڪشي ڪئي وئي. هن چيو ته 2014واري ڌرڻي سبب چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو هو، ڌرڻي سبب رينجرز جا 4 ۽ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، پاڪستان سان ان کان وڏي دشمني ڇا ٿي ٿي سگهي؟ هنن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته پاڪستان کي تباهه ڪيو وڃي، پاراچنار ڏانهن ڪي پي حڪومت جو ڪو به ڌيان ناهي، احتجاج ۽ ڌرڻي سبب ملڪي معيشت کي هڪ ڏينهن جو 190 ارب رپيا نقصان ٿيو.