ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سياري جي موسم جي پهرين برسات، سلطان ڪوٽ، ميان صاحب، همايون شريف، سجاول جوڻيجو، ٺل ۽ ڳڙهي حسن ۾ وسڪارو، لاهور، جهلم، سرگوڌا سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مينهن وٺو، ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، چمن، لالا موسيٰ ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.