غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگردي جاري آهي فلسطين تي تازن حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 42 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 133 زخمي ٿي پيا، نصيرات پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۾ 24 فلسطني شهيد ٿي ويا، ڪمال عداوان اسپتال جي آءِ سي يو ڊائريڪٽر به شهادت ماڻي، غزه ۾ شهيدن جو انگ 44 هزار 363 ٿي ويو، اولهندي ڪناري حماس جي حملن ۾9 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا.