ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي ٽي وي ۽ سوڀ ميڊيا گروپ جي سڏ تي ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ ثقافتي تقريب، جگر جلال، آيت علي، سونهن لغاري ۽ اظهر مري سر وکيريا، سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، شاعرن، فنڪارن، وڪيلن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت، ڌرتي ٽي وي جي ڊائريڪٽر نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر زوھيب علي زرداري، مخدوم منصور احمد هاشمي، حاڪم جسڪاڻي، تاج محمد وساڻ سميت ٻيا شريڪ، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ جي ماڻهن جي سهپ ۽ رواداري جهڙو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي، سنڌ جا ماڻهو مهمان نوازي سان گڏ امن ۽ ڀائيچاري ۾ يقين رکون ٿا.