باڊهه (ويب ڊيسڪ) باڊهه ڀرسان موهن جو دڙو – راڌڻ روڊ تي حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، عالماڻي شاخ ڀرسان ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ دڙا واسي نصير احمد کوکر حياتي وڃائي ويٺو، جميل سومرو ۽ صابر حسين کوکر زخمي ٿي پيا.