ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي ٽي وي ۽ سوڀ ميڊيا گروپ جي سڏ تي سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ سڀاڻي ثقافتي عيد ملهائي ويندي، تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سرگرميون تيز، جهر جهنگ ۽ واهڻ وستي ثقافتي ميلا مچي ويا، هر پاسي انڊلٺي رنگ نروار، پڪا پوڙها، نوجوان توڙي ٻار ثقافتي ويسن جي تيارين ۾ مصروف.