لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ڪري 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان بارودي مواد، هٿيار، دستي بم ۽ اهم عمارتن جا نقشا هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگرد لاهور ۾ اهم سرڪاري عمارت کي نشانو بڻائڻ چاهين پيا، جن جا ارادا ناڪام بڻايا ويا آهن.