سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ڪي پي حڪومت ڳري مشينري ۽ هٿيارن ساڻ ڪري وفاق تي حملو ڪيو، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته سيني تي گولي لڳڻ کان پوءِ عمر ايوب پريس ڪانفرنس به ڪري ڇڏي، ڳرن هٿيارن ۽ مشينري ساڻ ڪري ڪي پي حڪومت وفاق تي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ميدان ۽ ڪارڪنن کي ڇڏي فرار ٿي ويا، هن چيو ته پي ٽي آءِ وفاق تي ٽيون ڀيرو حملو ڪيو جنهن کي ناڪام بڻايو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ لاشن بابت مختلف انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن، هاڻي ڪير به وفاق تي حملو نه ڪري سگهندو، ڪي پي کان بار بار وفاق تي حملا ڪيا ويا.