ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سهپ ۽ رواداري واري سنڌ جي سري هيٺ ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، سنڌ جا وارث ثقافتي ويس وڳا پائي ڌرتيءَ سان ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيندا، صبح جي شروعات سنڌو تهذيب جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي، ڌرتي ڌڻي ريلين جي صورت ۾نڪرندا، سنڌي ميڊيا سميت ڌرتي ٽي وي ۽ سوڀ ميڊيا گروپ پاران ڪراچي ۾ مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماروئڙا سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندا.