ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان مهراڻ جي وادي جي امير ثقافتي ورثي، شاندار روايتن ۽ لازوال قدرن جي عڪاسي ڪندڙ سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جون سنڌي ماروئڙن سميت سمورن پاڪستانين کي دلي واڌايون ڏنيون آهن، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آهي ته سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي صديون پراڻي ورثي، هم آهنگي، رواداري ۽ ٻڌي جو مظهر آهي، سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، جيڪا سدائين امن، ڀائيچاري ۽ محبت جي روشني جو مينار رهي آهي، جنهن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري جي پيغام نسلن کي متاثر ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ثقافت کي محفوظ رکڻ ۽ هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو.