ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينٽرل جيل ڪراچي ۾ به ثقافتي رنگن جي بهار، شاندار تقريب ٿي، قيدي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويا، راڳي احمد مغل قيدين ۽ اهلڪارن کي قومي گيتن تي جهومائي ڇڏيو، جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري، آءِ جي جيل قاضي نذير احمد، ڊي جي جيل ڪراچي حسن سهتو سميت عملدارن ۽ قيدين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ، قيدين ۽ اهلڪارن به سنڌي گيت ڳائي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو.