ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل مقابلي کان پوءِ زخمي جوابدار کي هڪ عورت سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ناٿا خان فلاءِ اوور جي ويجھو اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ جوابدارن جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن بعد زخمي جوابدارن کي عورت سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدار گذريل ڏينهن ڪورنگيءَ ۾ پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو هو، گرفتار جوابدار جو نالو اويس ۽ ساٿي جوابدار عورت جي سڃاڻپ شگفته جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي هٿان 4 ڀيرا گرفتار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته جوابدار وٽان پسٽل، 2 ڪلو چرس ۽ هڪ موٽر سائيڪل پڻ برآمد ٿي آهي.