پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت اسلام آباد ڌرڻي جي ناڪاميءَ کان پوءِ سياسي پارٽين سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ قيادت باني پي ٽي آءِ عمران خان جي هدايتن تي سياسي پارٽين کي پي ٽي آءِ کي ان جي جمهوري احتجاج جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ اسلام آباد ڌرڻي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سڌو سنئون پرامن احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي مبينا فائرنگ کان آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ بانيءَ جي هدايتن تي پي ٽي آءِ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪرڻ تي به غور ڪري رهي آهي. ان ڏس ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم زيارت وال جو خانگي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت پي ٽي آءَ کي احتجاج ڪرڻ يا جلسو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي ته پي ٽي آءَ پختون خوا جي پليٽ فارم تي جلسو ڪري سگھي ٿي. ذريعن موجب عمران خان جي هدايتن تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته اڳتي پارٽيءَ جي سياسي معاملن ۾ غير سياسي شخص فيصلو نه ڪندا.